1 سيمان Seman: ماڳ

1 سيمان Seman: ماڳ

2 سيمان Seman: ماڳ

2 سيمان Seman: ماڳ

3 سيمان Seman: ماڳ

3 سيمان Seman: ماڳ

سيمان Seman ماڳ

سيمان (Seman: ماڳ): ڀارت جي هريانه صوبي جي ضلعي روهتڪ ۾ سنڌو تهذيب جا ’سيمان‘ نالي ڳوٺ جي آسپاس ڪل ڇهه ماڳ آهن. هندستان جي مشهور آرڪيالاجسٽ سيلڪ رام انهن ماڳن کي ڳولي مٿن تحقيق ڪئي. هن روهتڪ ضلعي ۾ موجود ’مبهم‘ بلاڪ ۾ ڪل 67 ماڳ لڌا آهن، جن مان 8 ماڳ اوائلي هڙپائي دور (Early Harappan period) جا، 7 ماڳ پختي هڙپائي دور (Mature Harappan period) جا، 30 ماڳ ’پوئين هڙپائي دور‘ (Late Harrapan period) جا ۽ 22 ماڳ ’چٽيل خاڪي ٺڪراٺي‘ (Painted Grey ware) واري دور جا آهن.
سيمان ڳوٺ، هندستان جي روهتڪ ضلعي ۾ مشهور ماڳ ’مبهم‘ کان 8 ڪلوميٽر اوڀر ۾ انهيءَ روڊ تي آهي، جيڪو مشهور سنڌو تهذيب جي ماڳ ’فرمانا‘ ڏانهن وڃي ٿو.
هن ڳوٺ جي آس پاس سنڌو تهذيب جا ڇهه ماڳ آهن، جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
(1) سيمان-1: هي ماڳ ”50 ’19 76 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ، ”10 ’11 29 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي، سيمان ڳوٺ کان ٻه ڪلوميٽر اوڀر ۾ ۽ فرمانا وينئر روڊ کان 200 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ موجود آهي. هي ماڳ 2.5 هيڪٽرن تي ڦهليل آهي، دڙو 2 ميٽر اوچو آهي، هن دڙي تي سنڌو تهذيب جي اوائلي مچيل (Mature) ۽ پوءِ جي دورن جون وٿون مليون آهن. وٿن ۾ ٿانون جا ٽڪر، ٺڪر جا رانديڪا، ڏاند گاڏيءَ جا ڦيٿا، مڻيا، ٽڪنڊيون ٽڪيون، چوڙين جا ٽڪر، پٿر جا گليلا وغيره ملن ٿا. هي 300 ق. م کان 100 ق. م تائين وسيل ڳوٺ هو.
(2) سيمان-2: هي ماڳ، ”10 ’19 °76 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ”15 ’11 °29 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي، ڳوٺ سيمان کان 2 ميل اوڀر ۾ سيمان-1 ماڳ کان 800 ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ موجود آهي.
هي ماڳ 2 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هي دڙو ٻه ميٽر اوچو آهي. سڄي دڙي کي کيڙي زرعي آباديءَ هيٺ آندو ويو آهي.
هي دڙو هڪ واريءَ جي ڊرينهن تي آهي. مٿاڇري تان ملندڙ ٺڪراٺو وچين تاريخي دور جي نشاندهي ڪري ٿو، جڏهن ته سنڌوءَ سان لاڳاپيل ٺڪر جا ٽڪرا به ملن ٿا.
(3) سيمان-3: سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل هي ماڳ ”05 ’18 °76 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ”40 ’11 29 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي سيمان ڳوٺ کان 1.2 ڪلوميٽر اوڀر ۾ هڪ واريءَ جي دڙي تي موجود آهي. ماڳ جي وچان هڪ ڪچو رستو ’سکولا-جوڙ‘ ڏانهن وڃي ٿو. ماڳ 1.3 هيڪٽرن تي ڦهليل آهي، هتان جيڪي وٿون مليون آهن، انهن جو لاڳاپو سنڌو تهذيب جي پوئين دور (Late Harrapan period) سان آهي. هي ’ٿڌو بيڙوا-2‘ سان هڪجهرائي رکي ٿو. هتان ملندڙ وڻن جون ڳنايون ٿالهيون، جن جا ڪنارا اندر تي وريل آهن ۽ انهن جا پاسا ٻاهر نڪتل آهن. پيالا پاٺيون، تري سان ڪپا ۽ ڳناوان ٿانو مليا آهن. هي ماڳ 100 ق. م جو ماڳ ڳڻي سگھجي ٿو.
(4) سيمان-4: هي ماڳ ”50 ’17 76 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ”35 ’11 29 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي سيمان ڳوٺ کان 1 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. ماڳ جي چوڌاري واريءَ جا دڙا آهن. هن ماڳ جي وچان به هڪ ڪچو رستو نڪري ٿو، جيڪو ’سکوالا- جوڙ‘ نالي ڳوٺ ڏانهن وڃي ٿو. هن ماڳ تان مليل ٺڪراٺو گھڻي ڀاڱي تاريخي ۽ وچين تاريخي دور سان واسطو رکي ٿو، پر سنڌو تهذيب جي پوئين دور جو ٺڪراٺو به گڏيل مليو آهي. ٺڪراٺي جي ابتي ڪني وارا ٿانو، ڪولا ۽ مٽ وغيره ملن ٿا، ڪن ٿانون جي نمونن ۾ مٽيءَ وارا ٿانو به شامل آهن، جيڪي وچئين تاريخي دور جا آهن. هتان شيشي جي چوڙين جا به ٽڪرا مليا آهن.
(5) سيمان-5: سنڌو تهذيب جي پوئين دور سان لاڳاپيل هي ماڳ ”10 ’16 76 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ”50 ’11 29 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي سيمان ڳوٺ جي ڏکڻ اولهه ۾ 200 ميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. مقامي طور تي هن دڙي کي ’کيرا‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. دڙو 1.80 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي. سڄو دڙو پوئين هڙپائي، تاريخي ۽ وچئين تاريخي دور جي وٿن سان ڀريل آهي. پوئين هڙپائي دور جي وٿن ۾ گُنديون، وڏا ڪولا، ٻاٽيون ۽ ٻين ٿانون جا ٽڪرا مليا آهن. چٽيل خاڪي ٺڪراٺي جو به چڱو تعداد لڀي ٿو. ان کانسواءِ ٺڪر جي چوڙين جا ٽڪرا، مڻيا ۽ ڪجھه ٽامي جون شيون مليون آهن.
(6) سيمان-6: هي ماڳ ”40 ’17 76 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ”50 ’13 29 ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي سيمان ڳوٺ کان 5 ڪلوميٽر اتر- اولهه ۾ آهي. هي ماڳ سنڌو تهذيب جي مشهور ماڳ ’بٽروا‘ ڏانهن ويندڙ ’بٽروا-پوٿي‘ روڊ کان 300 ميٽر ڏکڻ ۾ آهي. هي ماڳ واريءَ جي دڙي تي آهي، جنهن جي اوچائي 5 ڪلوميٽر ٿيندي. گهڻو ڪري ماڳ سمورو ئي پوکيءَ هيٺ اچي ويو آهي. هتان ڪجھه پوئين سنڌو تهذيب جي ٺڪراٺي جا نمونا به مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو